ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺوري ۾ مرغي جي گوشت جو في ڪلو 670 روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو آهي. ان ڏس ۾ شادين جي سيزن به عروج تي مرغي فارمن وارن جا وارا نيارا ٿي ويا آهن. ڪاڄ ۾ ڪڪڙ جي گوشت جو گھڻو استعمال ٿيڻ ڪري ڪڪڙ جي گوشت جو اڳھ ٻيڻو ٿي ويو عام ماڻھون جي پھچ کان گوشت پري ٿي ويو آهي. انھي موقعي تي معشوق ملاح نياز رند ڪاشف سومرو اسرار زئور ۽ ٻين چيو ته شادين جي سيزن ۾ ڪڪڙ جو اگھه وڌي وڃڻ ڪري عام ماڻھو جي پھچ کان مٿي ٿي وڃي ٿو، ڪڪڙ جي گوشت جا اگھه گھٽائي عوام کي رليف ڏنو وڃي. ڪڪڙ جو اگھه گھٽ ڪري مانگھائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. ڊي سي سجاول نوٽيس وٺي مرغي جا اگھ گھٽايا وڃن.