ميرپور بٺورو: ميرپوربٺورو لڳ جاتي چوڪ جي ڳوٺ حمزو کوڙ ۾ گهرن جي ڀرسان پيل پلال کي اوچتو باهه لڳڻ ڪري سڄو ڳوٺ باھ جي لپيٽ هيٺ اچي ويو، جنهن سبب 40 کان وڌيڪ گهر ۽ ٽريڪٽر ٽرالي سڙي رک ٿي ويا آهن ، ڳوٺاڻن پاران بروقت اطلاع باوجود ضلعي انتظاميا باھ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهرن کي لڳڻ باھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو، باھ لڳڻ سبب مڪمل ڳوٺ سڙي وڃڻ سبب ڳوٺاڻا ٻارڙن ۽ عورتن سميت کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، ڳوٺاڻن زوار ابراھيم کوڙ, الطاف کوڙ, حمزو کوڙ ۽ مولوي اشرف کوڙ جو چوڻ آهي ته باھ سبب اسان جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي، گهر ۾ پيل سمورو سامان، ڪپڙا لٽا ۽ ضرورت جي سامان سميت ڪجهه به ناهي بچيو، جنهن ڪري لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي. هنن چيو ته اطلاع باوجود ضلعي جي انتظاميا باھ تي ضابطو آڻڻ لاءِ فائر برگيڊ گاڏيون به نه اماڻيو جنهن سبب وڌيڪ نقصان ٿيو ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آندو آهي. ھوڏانھن ڊي سي سجاول ۽ ٽائون انتظاميا بٺورو فائر برگيڊ باھ وسائڻ لاء نه موڪلڻ تي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ضلعي ۾ ھڪ به فائر برگيڊ فنڪشنل ناھي سڀ گاڏيون خراب بيٺل آھن.