ميرپورٻرڙو (ن پ ا) ميرپورٻرڙو ۽ ڀرپاسي وارن  علائقن رانجھاپور،لعل ڀٽي،چانڊاڻ ڳڙهي سيد،جاڙا واھ سميت ٻين علائقن ۾ برساتن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل لڙهي ويو آهي،  جنهن سبب آبادگار ۽ هارين لاءِ پريشانيون وڌي ويون آهن، جڏهن ته هيٺائينءَ وارن ڳوٺن ڳوٺ گلاب چنو،ڳوٺ رضا محمد سٻايو،ڳوٺ مومن چنو،ڳوٺ مھوال چنو ۽ ڳوٺ يوسف چنو ۾ برساتي ٻوڏ واري صورتحال آهي، ڳوٺاڻن جا گھر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنهن سبب رهواسي لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ان حوالي سان علائقي واسين  شاھنواز احمداڻي،عبدالوحيد جعفري،نظام الدين لنجواڻي،رب نواز مستوئي ۽ ٻين چيو ته علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب سخت ڏکيائيون آهن، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، بي يارو مددگار آهيون، نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.