ميرپورٻرڙو (ن پ ا) ميرپورٻرڙو لڳ اسڪول کي تالا، ٻارن جي تعليم متاثر، لاڳاپيل کاتي تحرڪ نه ورتو، ان ڏس ۾  ڳوٺ سوڍو خان ٻرڙو جي نثار احمد راجپوت پرائمري اسڪول کي ڪيترن ئي ورهين کان تالو لڳل آهي، جنهن ڪري ڳوٺ جا سوين معصوم ٻارڙا تعليم کان محروم رهندي مال چارڻ تي مجبور بڻيل آهن، ان حوالي سان ڳوٺاڻن عبدالستار ٻرڙو،دلدار ٻرڙو،رب ڏنو ٻرڙو،گل خان ٻرڙو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسڪول جا استاد به غيرحاضر آهن،  شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي اسڪول کولرايو وڃي،  هوڏانهن ٽي اي او ٺل ايوب سرڪي موجب ته  ڳوٺاڻن جي شڪايت ملي آهي تمام جلد گوسڙو غير حاضر استادن خلاف ڪارروائي ڪنداسين.