ميرپورماٿيلو (ن پ ا) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ گاهي لانگاھ جي مرد توڙي عورتن ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، سخت نعري بازي، ان موقعي تي  محمد نواز، علي عباس، گلزاران، حنيفان ۽ ٻين چيو ته 2 ڏينھن اڳ برادري جي جوابدارن زبردستي شادي ڪرڻ جي ارادي سان نينگري کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي 4 عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ڪيو ويو،   15 ورهين جي نينگري سائره لانگاھ کي جوابدار اغوا جي ڪوشش پيا ڪن، اين سي داخل ڪرائي آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.