ميرپورماٿيلو/ محرابپور/ ميرواھ گورچاڻي (نمائندن وٽان) رائونتيءَ جي ڪچي ۾ شهيد ٿيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين ڀيٽا پيش ڪئي. شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ دعائون گهريون ويون. ان سلسلي ۾ ميرپورماٿيلو جي شھرين صدام جلباڻي، حڪيم گڏاڻي، وقار علي، اياز علي ۽ ٻين  ڀٽائي چوڪ تي شھيد پوليس اھلڪارن جي تصويرن اڳيان ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي. ٻئي پاسي محرابپور ٿاڻي تي رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ شهيد ٿيل آفيسرن ۽ جوانن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي ۽ دعائون گهريون ويون. ان موقعي تي خيرات جي ماني پڻ ورهائي وئي. هوڏانهن ميرواهه گورچاڻيءَ واسي شهيد انسپيڪٽر دين محمد لغاري جي وارثن سان ايس ايس پي ميرپورخاص چوڌري اسد، ايم پي اي نور احمد ڀرگڙي، مير انور ٽالپر، پي ٽي آءِ اڳواڻ ممتاز علي شاھ، سيد الطاف ۽ ٻين تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي.