ميرپورماٿيلو(ن پ ا) ميرپورماٿيلو ويجھو مسوواهه ۾ عورت جو لڙھندڙ لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو،  پوليس   پھچي عورت جو لاش ڪڍرائي ڊي ايچ ڪيو اسپتال پھچايو، جتي عورت جي سڃائپ ميرپورماٿيلو جي ڇڄڻ ڪالوني واسڻ مسمات حسينا زال علي محمد ملاڻو جي نالي سان ٿي، ان حوالي سان عورت جي وارثن جو چوڻ ھو تہ عورت جو دماغي توازن ٺيڪ نہ ھو. خبر ناھي واھ ۾ ڪيئن ڪري پئي آھي.