ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو پوليس مھينو اڳ پوليس چوڪيءَ تي مبينا حملي ۾ شھيد ٿيل پوليس اھلڪار جو قتل ڪيس اي ڪلاس ۾ خارج ڪري ڇڏيو. پوليس پنھنجي شھيد جوان جي قتل ڪيس ۾ مھيني دوران ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي، نه وري جوابدا گرفتار ٿي سگھيا. گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلو پوليس ڪيس ۾ اي ڪلاس واري سمري اي ٽي سي ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڄاڻايو آھي ته 14 ڏينھن گذرڻ تي جوابدارن  جو پتو نه لڳي سگھيو آھي. جوابدار هٿ اچڻ جھڙا ناھن، تنھن ڪري ڪيس کي اي ڪلاس ۾ خارج ڪيو وڃي، ميرپورماٿيلو پوليس جو چوڻ آھي 14 ڏينھن مڪمل ٿيڻ ڪري ڪيس اي ڪلاس ۾ خارج ڪيو آھي، ڪيس جي جاچ جاري رھندي.