ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو ويجھو سيدپور اڏي تي جوابدارن نوجوان نثار بوھڙ کي گوليون ھڻي مرڻينگ  ڪري ڇڏيو. اطلاع تي وارثن موقعي تي پھچي زخميءَ کي ڊي ايچ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو، جتان فوري طبي امداد ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو. ان حوالي سان ميرپورماٿيلو پوليس ٻڌايو ته ڪارنھن معاملي تان ڪوش برادريءَ جي هٿياربندن نوجوان کي گوليون هڻي زخمي ڪيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ رحيم يار خان نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.