ميرپورماٿيلو: گهوٽڪي پوليس هٿان مقابلو ڄاڻائي ماريل پنجن ڄڻن مان ٽيڪسي ڊرائيور عرفان ڇڄڻ جو لاش ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ عالم خان ڇڄڻ آندو ويو ته گهر ۾ ڪھرام مچي ويو. نوجوان جي والد الهجوايو، ڇڄڻ ڀاءُ ڪريم بخش، ماءُ الهرکي ۽ گهرواري ناديه ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته عرفان ٽيڪسي ڊرائيور آهي. سواريءَ سان ويل هو. پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ ناحق قتل ڪيو آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي صاف شفاف انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪجلو چاچڙ جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي نوجوان کي پوليس رستي مان گرفتار ڪري جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيو آهي. ڪجلو چاچڙ مٿان ڪيس ضرور داخل هئا پر هو سمورن ڪيسن ۾ ضمانت تي آزاد هو. هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.