ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو ڊي ايچ ڪيو اسپتال جي ايمرجنسي ۾ مبينا طور علاج نه ٿيڻ سبب معصوم ٻار فوت ٿي ويو. ڳوٺ گلبھار واسي ھڪ سال جي معصوم آفاق کي وارث ايمرجنسيءَ ۾ ڊي ايچ ڪيو اسپتال آندو، جتي مبينا طور ڊاڪٽرن طرفان وقت سر علاج نه ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو. فوتي نينگر جي والد احسان لغاري ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻار کي تيز بخار ھو، علاج لاءِ ڊي ايچ ڪيو اسپتال آندو پر ھڪ ڪلاڪ تائين ڊاڪٽرن علاج نه ڪيو ۽ ٻار فوت ٿي ويو. ھوڏانھن ايم ايس ڊاڪٽر الھڏنو دائودپوٽو جو ان حوالي سان چوڻ هو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ڪنھن ڊاڪٽر جي غفلت ظاھر ٿي ته ڪارروائي ڪئي ويندي.