ميرپورساڪرو (ن پ ا) ميرپور ساڪري ۾  برسات سبب ھيٺائين وارا علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا، جڏهن ته پيپلزپارٽي پاران ٽائون  ڪاميٽي ميرپور ساڪرو تي نامزد ڪيل اميدوار ايڊووڪيٽ عامرحسين بلوچ شھر جو دورو ڪيو ۽ برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جون هدايتون ڪيون، موقعي تي اميدوار چيو ته فوري پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي، شھر واسين کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين.