ميرپور ساڪرو(ن پ ا) تعلقي ميرپور ساڪري ۾ پوندڙ برسات کي ھڪ ھفتو گذري ويو پر شھري توڙي ٻھراڙي وارن علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو انهيَ سلسلي ۾ ميرپور ساڪرو شھر جي ريحان آباد ڪالوني ميربحر محلا، سرڪاري گودام، بوائز ھاءِ اسڪول، گرلس ھاءِ اسڪول، ايريگيشن ڪالوني، نادرا آفيس  ۾ به پاڻي بيٺل، جڏهن ته ٻھراڙي وارن علائقن يوسي سکپور گھگھي دٻو ڪڪڙانڊ چوبندي ۽ ٻين ۾ پوندڙ برسات سبب ڳوٺن ۾ پنج فوٽن تائين پاڻي بيھجي ويو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا گيسٽرو ۾ معصوم ٻارڙا وٺجي ويا ڪيترائي اسپتالن ۾ داخل جڏهن ته انتظاميا شھري توڙي ٻھراڙي وارن علائقن مان پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگھيا مڇرمار اسپري نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي جڏهن ته ضلعي انتظاميا پاران ڏنل مڇردانيون ۽ ٽينٽ پڻ بااثرن جي حوالي ٿي ويا آهن جيڪي پنهنجي اليڪشن مھم تحت تقسم ڪندي پنهنجي حامي ووٽرن کي ڏئي رھيا آهن جڏهن ته غريب مسڪين ماڻهوَ جي اڃا تائين ڪا به واھر ناهي ٿي سگهي انهيَ سلسلي ۾ ڳوٺاڻن علم الدين رند، ظھيراحمد لاشاري، اختر گبول، مجيد حمراڻي ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي چيو آهي ته تعلقي ميرپور ساڪري ۾ برسات متاثرين کي ننڌڻڪو ڇڏيو ويو آهي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي سم نالين جي کاٽي نه ٿيڻ سبب ساڪرو شھر ۽ ٻھراڙي ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي انتظاميا طرفان ملندڙ مڇردانيون ۽ ٽينٽ منپسند ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن حقيقي متاثر کليل آسمان ھيٺ مڇرن هيٺ پيل آهن ھنن وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي تعلقي ميرپور ساڪرو جي ماڻهن جي واھر ڪئي وڃي.