ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ شهيد محمود سلطان چانڊيو 100 بال ليگ ڪرڪيٽ چيمپئن شپ ۾ کيڏيل 2 ميچن جا فيصلا ٿي ويا. پهرين ميچ ۾ پهريان بيٽنگ ڪندي پيٽرومين لائنز جي ٽيم 100 بالن تي 206 رنس ٺاهيون. خالد راجپوت 50 ۽ مبين 37 رنز ٺاهي نمايان رهيا. تاج الصون هدف پورو نه ڪري سگهي، احتشام ڪاڪا 81 رنز ٺاهي نمايان رهيو. ٻي ميچ ۾ شاه اينڊ خان پهريان بيٽنگ ڪندي 100 بالن تي 153 رنسون ٺاهيون. مرتضي وساڻ 71 رنز ٺاهي نمايان رهيو. ايم ڊي جي ٽيم مخالف ٽيم 100 بالن تي صرف  104 رنز ٺاهي سگهي. جڏهن ته ميچن ۾ عدنان فاروق ۽ جاويد امپائرنگ جو زميواريون نڀايون.