ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپور خاص ۾ بلديا ڪامپليڪس کان اسٽيشن چوڪ تائين حد دخلين خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏن اٽالن سان ڪاروائي ڪري سوين دڪانن آڏو پيل سامان، ڪيبنون هٽائي تحويل ۾ ورتيون ويون، جڏهن ته دڪانن آڏو ٺھيل ڇپرن کي پڻ ڊاھي پٽ ڪيو ويو، ڪاروائي دوران اسسٽنٽ ڪمشنر ميڊيا کي ٻڌايو ته شھر ۾ دڪاندارن پنھنجن دڪانن آڏو غيرقانوني طور ڇپرا، سيمينٽ جا ٿلھا ۽ دڪا ٺاھي روڊن تي حددخليون ڪري ڇڏيون آهن جنهن ڪري ٽريفڪ جام ٿي رهي آهي، هن چيو ته شهر جي 8 علائقن ۾ انڪروچمينٽ خلاف ڪارروائي جاري رکي ويندي.