ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص۾ ايف آءِ اي ٽيم سونارا بازار ۾ ڇاپو هڻي غير ملڪي ڪرنسي جو ڪاروبار ڪرڻ جي الزام هيٺ 2 دڪاندارن طالب ۽ رميز کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، جتي کائن وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇاپي دوران دڪان مان مختلف ملڪن جي ڪرنسي پڻ هٿ ڪئي وئي، جيڪا ايف آءِ اي ٽيم پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي،