ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ پنجاب پوليس جي ڪارروائي، پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو  گرفتار، پنجاب منتقل، خبر موجب پنجاب جي گجرات ضلعي جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس ميرپور خاص ۾ ڪارروائي ڪري پنجاب واسڻ ناري ۽ ميرپور خاص واسي نوجوان کي پاڻ سان گڏ کڻي وئي، ميرپورخاص پوليس جو چوڻ آهي ته ميرپورخاص واسي نوجوان احمد نواز پنجاب جي گجرات واسي ناري مريم سان نيٽ تي رابطو ٿيڻ بعد پسند جي شادي ڪئي هئي، سندن خلاف گجرات ضلعي جي سول لائين ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ٿيل ھو، اطلاع تي پنجاب پوليس ڪاروائي ڪري 22 ورهين جي ناري مريم ۽ ميرپورخاص واسي نوجوان احمد نواز کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته جوڙي کي اڄ پنجاب جي لاگاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.