ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ ٻوڏ دوران ڊھي ويل 86 ھزار کان وڌيڪ گھر ٻيھر جوڙڻ جو عمل شروع، ورلڊ بينڪ جي ٽيم پھچي ڪمن جو جائزو ورتو، ان ڏس ۾ ميرپورخاص ۾ گذريل سال آيل برساتي ٻوڏ دوران ڊھي ويل 86 ھزار, 443 گھر ٻيھر تعمير ڪرڻ وارو عمل شروع ٿي چڪو آھي. ان ڏس ۾ ٿيندڙ ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ  ورلڊ بينڪ جي ٽن نمائندن جارج فيبگ، ايگنوري ٿامس ۽ عبدالرازق ايف خليل تي ٻڌل ٽيم  تعلقي شجاع آباد ۾ ڳوٺ ھريرام ۽ گنگارام ڪالوني پھتا، جتي ھن گھرن جي ٿيندڙ ڪمن جو جائزو ورتو ۽ ڳوٺاڻن کان ان ڏس ۾ وڃي معلومات ورتي. ان موقعي تي نيشنل رورل سپورٽ پروگرام جي انچارج اياز ڪاڪا ٻڌايو ته ھن وقت في گھر جي اڏاوت لاءِ  3 لک رپيا ڏنا پيا وڃن  ۽ اھي گھر ماڻھو پاڻ ئي پنھنجي نگراني ۾ ٺاھي رھيا آھن.