ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ نافرمان پٽ 5 سئو رپيا نه ڏيڻ تان ڇريون هڻي ماءُ کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، خبر موجب شهر جي پاڪ ڪالوني واري علائقي ۾ نافرمان پٽ حيدر بلوچ ماءُ کان 5 سئو رپيا گهريا جيڪي نه ڏيڻ تي هن ماءُ حسينا کي ڇرين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، رڙين تي پاڙيوارن پهچي زخمي عورت کي سول اسپتال آندو، جتي سندس علاج ھلندڙ آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، پوليس زخمي عورت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار حيدر بلوچ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.