ميرپورخاص (رپورٽر) ميرپورخاص ۾ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي کي مهينو اڳ قتل ڪري ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف، اڄ قبرڪشائي ٿيندي. ميرپورخاص لڳ ڳوٺ غلام مصطفي’ لاشاري ۾ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي شريمتي امرو کي مبينا قتل ڪري لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. مهينو اڳ وارثن نائين ڪلاس جي شاگردياڻي شريمتي امرو کي مبينا طور قتل ڪري لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائي ڇڏيو هو، ڏهن ڏينهن بعد اطلاع ملڻ تي پوليس موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج کي قبرڪشائي لاءِ درخواست ڏني ھئي جنهن جي حڪم مطابق اڄ ڪوٽ غلام محمد تعلقي جي عدالت جي جج جي نگراني ۾ حيدرآباد پوليس سول سرجن سميت صحت کاتي حيدرآباد جي ٽيم قبرڪشائي ڪري جزا ورتا ويندا، جيڪي ليبارٽري اماڻيا ويندا. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي تعلقي ٿاڻي جي ايس ايچ او بدرالدين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ھڪ مھينو اڳ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي شريمتي امرو کي رات جي پيٽ ۾ غلام مصطفي’ لاشاري ڳوٺ مان کڻي پوليس کي اطلاع ڪرڻ کانسواءِ بنا پوسٽ مارٽم جي ڪوٽ غلام محمد لڳ ڪولھين جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو ھو. اھڙي اطلاع ملڻ بعد سندس والد ڌنجي سميت سندس گھر وارا پوليس کي مطمئن ڪري نه سگھيا جنهن سبب نينگريءَ جي موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ قبرڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ عدالت کي درخواست ڏني هئي. وارثن موجب ناريءَ گھر ۾ ڦاھو کائي آپگھات ڪيو هو. هوڏانهن علائقي ۾ ناري کي قتل ڪرڻ جا چوٻول ھلندڙ آھن