ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ بلدياتي اليڪشن دوران هارائيندڙ پ پ اميدوارن سرڪاري ملازمن بدران پرائيويٽ ماڻهن کي پرزائيڊنگ آفيسر ۽ عملي طور مقرر ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، هتي تعلقي حسين بخش مري جي يونين ڪائونسل ترڪ علي مري تان پ پ ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهندڙ اميدوارن نور نبي مري، وزير علي مري، اڳوڻي تعلقه نائب ناظم ممتاز علي مري هتي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته طور کين هڪ سازش تحت هارايو ويو آهي، هنن چيو ته شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته سندن يوسي جي 8 پولنگ اسٽيشنن مان ٻن اهم پولنگ اسٽيشنز تي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جا ماڻهو ڄاڻائي پرائيويٽ ماڻهن کي پرزائيڊنگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر طور مقرر ڪيو ويو ھو، جن ۾ عابد ناريجو، علي رضا، ڪريم  بخش، زبير ناريجو، نياز عزيز ۽ محمد سعيد شامل آهن، جن ٽيڪنيڪل ڌانڌليون ڪري اسان کي هارايو، هنن چيو ته جاچ بعد ڊائريڪٽر لکت ۾ ڏنو آهي ته ڄاڻايل ماڻهو سندن ڊپارٽمينٽ جا ملازم ئي ناهن، هنن چيو ته ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ اهو پڻ چيو آهي ته اليڪشن ڊيوٽي لاءِ هنن مٿي ڄاڻايل ماڻهن جا نالا ئي ناهن ڏنا، ڇاڪاڻ جو اهي سندن ملازم ئي ناهن، هنن مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ ٻيون اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين.