ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي سيٽلائيٽ ٽائون واري علائقي ۾ مڙس کان رسي ويل زال جو 2 ورھين جي معصوم پٽ تي مبينا وحشياڻو تشدد، سندس والد محبوب علي خاصخيلي پنهنجي پٽ ڪامران کي کڻي ٿاڻي تي انصاف لاءِ پھچي ويو، ٿاڻي تي پھچڻ بعد ٻنهي ڌرين ۾ فيصلو ٿي ويو، زال مڙس کير کنڊ معصوم کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو آھي جتي سندس علاج ھلندڙ آھي. هوڏانهن معصوم تي تشدد ڪرڻ جو ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار مھر نوٽيس وٺي ڇڏيو، سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڪامران ھاليپوٽو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آھي ته ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص جي حڪم تي سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آهي، ان معاملي جي جاچ ڪيون ٿا ته معصوم تي تشدد ڪنهن ڪيو آھي تشدد ڪندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.