ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص شهر سميت ضلعي جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ مين پڙين، مقامي طورڪيميڪل مان تيار ٿيندڙ گٽڪو، انڊين سفينا سميت مختلف گٽڪن جي کلي عام وڪري جي خلاف 78 موري ۽ ڀرپاسي جي سوين ڳوٺاڻن پاران 78 موري تي ميرپورخاص _عمرڪوٽ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي الطاف، جميل، شاهنواز ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوليس جي نااهلي سبب ضلعو منشيات جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي، منشيات واپرائڻ سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي منشيات وڪرو بند ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.