ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي ڀانسنگھ آباد، سومرا پاڙي سميت شهر جي مختلف  علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف رهواسي  روڊن تي نڪري آيا،  حيسڪو خلاف مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي  اڳواڻن فيضان سومرو، قادري اڪرم، حسنان، بلال شاهه ۽ ٻين چيو ته اسان جي علائقي جو ٽرانسفارمر گذريل 4 ڏينهن کان سڙيل آهي، حيسڪو وارا رشوت طلب ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب سخت پريشان آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٽرانسفارمر ٺهرائي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.