ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ شراب پيئڻ دوران عورتن جي معاملي تان ٽن ڄڻن ۾ جهيڙو،هڪ ڄڻو باهه ۾ سڙي زخمي، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان سلينڊر جي باهه ۾ سڙي زخمي ٿيو، علائقي ۾ چوٻول آهن ته جهيڙي دوران نوجوان مٿان پيٽرول هاري کيس باهه ڏني وئي، خبر موجب شهر جي علي ٽالپر ٽائون واري علائقي ۾ عورتن جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ نوجوان مجاھد بلوچ باهه ۾ سڙي سخت زخمي ٿي پيو، زخمي کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن يامين ڏاڏا بلوچ جي گھر ۾ مجاھد بلوچ، نبي بخش بلوچ ۽ يامين ڏاڏا جو شراب پيئڻ دوران گھر ۾ عورتن جي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران گيس سلينڊر کي باهه لڳي وئي، جنهن ۾ مجاھد سڙي زخمي ٿي پيو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ھوڏانھن علائقي ۾ چوٻول آهن ته جھيڙو ٿيڻ بعد مجاھد بلوچ مٿان پيٽرول هاري کيس باهه ڏني وئي، جنهن ۾ هو سڙي زخمي ٿيو آهي.