ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ويجھو زمين تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڪائونسلر غلام حيدر لغاري جو قتل ڪيس مقتول جي ڀاءُ محمد خان لغاري جي فرياد تي يارمحمد لغاري، بچل لغاري، قربان لغاري ۽ عرفان لغاري خلاف شھيد دين محمد لغاري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي، پوليس 2 ڏينهن گذرڻ بعد به  قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي ، قتل جي واقعي بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آھي، ان حوالي سان  پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  ڇاپا هنيا پيا وڃن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو،ٻي طرف مقتول جي ڀاءُ محمد خان لغاري ۽ وارثن پاران پوليس جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظھار ڪندي چيو آھي ته پوليس بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي، واقعي کان اڳ ئي اطلاع ڪيو ويو هو ته بااثرن مان جان جو خطرو آھي پر ان باوجود پوليس ڪارروائي نه ڪئي،  قتل جي واقعي بعد بااثر جوابدارن کي فرار ٿيڻ جو موقعو ڏنو، هنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.