ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) جسقم پاران گو افغاني گو تحريڪ جي سلسلي ۾ ميرپورخاص ۾ اسٽيشن چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت  ڪئي، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو ۽ ٻين چيو ته 43 سال گذري ويا آهن پر افغاني سنڌ ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن، هنن کي ڀڄائڻ لاءِ سڀ کان پهريان اسان کي سندن معاشي بائيڪاٽ ڪرڻو پوندو، جيئن ڀارت ۾ مهاتما گانڌي ٻاهرين لوڻ جو بائيڪاٽ ڪري ديسي لوڻ استعمال ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪئي هئي، جنهن سان انگريزن کي اتان ڀڄڻو پيو هو، هنن چيو ته افغانين سنڌ جي امن کي تباهه ڪيو آهي ۽ اهي معاشي طور سنڌ تي بار آهن، هنن چيو ته پختونن کي جيڪڏهن هتي ڪاروبار ڪرڻو آهي ته سڀ کان پهريان اهي جن صوبن مان آيا آهن اتي جا شناختي ڪارڊ ٺهرائن، سنڌ جا شناختي ڪارڊ يا ڊوميسائيل ٺھيل آهن ته انهن کي ختم ڪن ۽ ملڪيتون به پنهنجي علائقن ۾ وٺن ۽ جيڪي افغاني آهن اهي فوري طور تي پنهنجي ڏيهه هليا وڃن، اسين سڀ کان پهريان انهن جو سوشل بائيڪاٽ ڪري ماڻهن کي آگاهي ڏئي سموري سنڌ سان گڏ سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻنداسين ته فوري طور تي قانونسازي ڪري افغانين، برمين، بينگالين ۽ ٻين ڌارين جا فوري طور شناختي ڪارڊ ختم ڪري انهن کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته غازي ڳوٺ کي خالي ڪرائڻ پويان سنڌ حڪومت جي سازش آهي ته جيئن انهن کي هتان لڏائي افغانين کي رهايو وڃي ۽ ڪراچي ۾ سنڌين کي نيڪال ڪيو وڃي، هن چيو ته بلال ڪاڪا جي قتل ڪيس ۾ جيڪي مک جوابدار آهن انهن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، ريلي ۾ راڳي وقار ملاح، نياڻين ۽ ضلعي قيادت سيمت، ايس يو پي، ايس ٽي پي ۽ ٻين قومپرست پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن به شرڪت ڪئي.