ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص  ۾ ڳوٺ محمد حسن مري واسي ڳوٺاڻو محبوب نھڙي ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ قائم الائيڊ بئنڪ مان 10 لک رپيا ڪڍرائي ڪار ۾ سوار ٿي نيو ٽائون واري علائقي ۾ پھتو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن کيس يرغمال بڻائي 10 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا،  اطلاع تي   پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي واپس رواني ٿي وئي.