ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپور خاص ۾ گهر اندر گهڙي نياڻين جي لڄالٽ ۽ کين زخمي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، ان ڏس ۾ سيال ڪالوني واسي انور لنڊ نوجوان نياڻين سان گڏ بااثرن ۽ حد جي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي چيو ته گذريل رات دير سان علائقي واسي منشيات فروش گل محمد رند پنهنجي ساٿين مجيب شر ۽ اعجاز چانڊيو سان گڏ شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي گھر اندر گھڙي نوجوان نياڻين سان لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي بااثرن تشدد ڪري ھڪ نياڻي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، هن ٻڌايو ته زخمي نياڻي سميت غريب آباد ٿاڻي تي ويس جتي پوليس بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ھن الزام هڻندي چيو ته رشوت سبب پوليس گل محمد خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.