ميرپور خاص (رپورٽ: روي شنڪر مالهي) ملڪ ۾ کنڊ اسڪينڊل ۾کنڊ اسٽاڪ ڪندڙن ۽ سٽيبازن خلاف ڪريڪ ڊائون ٿيڻ بعد ايف آءِ اي ميرپورخاص پاران ڪارروائي ، ميرپورخاص سان تعلق رکندڙ جگل ڪشور ولد مگهارام کي سندس گهران گرفتار ڪرڻ بعد انچارج سيڪنڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جتي عدالت لاڳاپيل مئجسٽريٽ موڪل تي هئڻ ڪري کيس ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کي سومر ڏهاڙي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ايف آءِ اي عملدار سب انسپيڪٽر محمود خان جي فرياد تي جگل ڪشور ولد مگهارام خلاف اينٽي مني لانڊرنگ، فراڊ، عوام سان دوکو ڪرڻ، سائبر ڪرائيم جي ۽ ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ ايف آءِ آر موجب جاچ آفيسر ٻڌايو ته اعليٰ اختيارن پاران انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو، جنهن تحت ڪارروائي ڪئي، جگل ڪشور بروڪر ۽ کنڊ جو سٽيباز ايجنٽ آهي، جيڪو شگر مل مالڪن سان رابطي ۾ رهي. واٽس ايپ گروپ ذريعي کنڊ جا سودا ڪري سٽيبازي ڪندو آهي ۽ کنڊ اسٽاڪ ڪري پنهنجي ۽ مارڪيٽ ۾ مصنوعي کنڊ جي کوٽ پيدا ڪري پوءِ پنهنجي ٻين سٽيباز ايجنٽس ذريعي پنهنجو من پسند ريٽ مقرر ڪندا آهن، جنهن کي سندس گهران گرفتار ڪري وٽانئس 3 موبائل قبضي مان هٿ ڪري ورتا آهن، جن موبائيلن مان هو واٽس ايپ گروپ مان جن ۾ هو ايڊ هو اهي ليفٽ ڪري ڇڏيا آهن. جنهن جي ڊيٽا ريڪور ڪئي پئي وڃي. ان سان گڏ سندس 11 ساٿي به گڏ آهن، جيڪي هن سان گڏ کنڊ جو ڪاروبار ڪندا آهن، جن ۾ سنجهوري سان تعلق رکندڙ پرديپ، ميرپورخاص جا رهواسي محمد علي چوهاڻ، عمران، حاجي نظام، شڪيل ۽ شوڪت بخاري ميرپورخاص شگر، اقبال مهراڻ شگر مل ٽنڊوالهيار، مهيش ڪمار حيدرآباد واسي، فرحان ال عباس شگر مل، حيدرباد واسي ديوي داس ۽ مهيش ڪمار سنڌ آبادگار شگر مل شامل آھن. جڏهن ته انهن جا ڪيترائي بي نامي اڪائونٽس به ظاهر ٿيا آهن، جيڪي ٽئين پارٽي جي اڪائونٽس ذريعي پئسن جي ڏيتي ليتي ڪندا هئا. انهن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي. عدالت جي احاطي ۾ الزام هيٺ آيل جگل ڪشور پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته آئون هڪ واپاري آهيان مون تي جيڪي مني لانڊرنگ جا قلم لڳا آهن ان ۾ آئون ملوث ناهيان ۽ نه ئي مون ٻين ملڪن ڏانهن پئسا اماڻيا آهن. منهنجو سٽيبازن سان ڪو به تعلق ناهي.