ميرپورخاص (رپورٽر) ميرپورخاص شھر جي ٽرانسپورٽر ۽ وڪيل سلامت لاکو ۽ پ پ اڳواڻ غلام قادر مري وچ ۾ ھائوسنگ اسڪيم تي قبضي واري مامري تي تڪرار ھلندڙ آھي، ڪجھه ڏينھن اڳ سلامت لاکي پاران پنھنجي پٽ اسد لاکي کي اغوا ڪرڻ خلاف غلام قادر مري، دريا خان مري ،نظام الدين ۽ ٻين خلاف ميرپورخاص عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ 22 اي جي درخواست ڏني ھئي، جنھن بعد 3 ڏينھن اڳ 22 جون تي عدالت ايس ايچ او پراڻي ميرپور کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، جنھن بعد پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، ان حوالي سان سلامت لاکي پاران فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ايس ايچ او خلاف عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ خلاف سندس خلاف توھين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي آهي، درخواست ۾ عدالت کا استدعا ڪئي وئي ته ايس ايچ او خلاف عدالتي حڪم نه مڃڻ تي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ پٽ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، جنھن بعد عدالت ايس ايچ او پراڻي ميرپور کي نوٽيس جاري ڪندي 26 جون تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.