ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپور خاص سي آئي اي پوليس جي ڪارروائي، آبپاشي کاتي جو ملازم گرفتار، وڏي مقدار ۾ شراب جون بوتلون هٿ، خبر موجب سي آءِ اي پوليس ڳجهو اطلاع ملڻ تي ميرپورخاص حيدرآباد ٽول پلازا لڳ ڪاروائي ڪري شڪي ڪار نمبر 246 کي روڪي ڪار مان شراب جون درجنين بوتلون هٿ ڪري ورتيون پوليس موجب ڪارروائي دوران آبپاشي کاتي جي ملازم علي نواز بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب جوابدار خلاف پراڻي ميرپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.