ميرپورخاص (رپورٽ: روي شنڪر مالھي) کنڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ مني لانڊرنگ ۽ سٽيبازي جي ڪيس ۾ ايف آءِ اي پاران جگل ڪشور جو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد ٻيھر عدالت ۾ پيش ڪيو، وڌيڪ ٻن ڏينھن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي. ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي پاران ھڪ بينڪ اڪائونٽ جا تفصيل ھٿ، 78 لک ٽرانزيڪشن جو انڪشاف، وڌيڪ جاچ جاري، ان ڏس ۾ کنڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ سٽيبازي جي الزام ھيٺ آيل جوابدار جگل ڪشور کي ايف آءِ پاران رمانڊ پورو ٿيڻ بعد ٽيھر فرسٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي جاچ آفيسر محمود عدالت کي استدعا ڪئي ته گذريل رمانڊ دوران جاچ ڪئي، جنھن ۾جاچ دوران ميرپورخاص جي ھڪ نجي بينڪ مسلم ڪمرشل بينڪ جي اڪائونٽ نمبر 0232577901003419 مان ھن گذريل اڍائي سالن ۾ 78 لکن جي ٽرانزيڪشن ڪئي آھي، جڏھن ته جگل ڪشور جا ٻيا به ڪيترائي اڪائونٽ آھن، جن بينڪن مان رپورٽ اچڻ جو انتظار آھي ۽ شگر ملز مالڪن کان به ٽرانزيڪشن ۽ سودن بابت جيڪا رسيدون ھيون، ان بابت پڇا ڳاڇا جاري آھي، جنھن ڪري وڌيڪ 10 ڏينھن جو رمانڊ ڏنو وڃي، ايف آءِ اي عملدار جي اھڙي درخواست بعد فرسٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت جگل ڪشور کي وڌيڪ ٻن ڏينھن جي رمانڊ تي ٽيون ڀيرو ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.، جڏھن ته انھي ڪيس ۾ جگل ڪشور جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي ۽ ساڳئي ڪيس ۾ الزام ھيٺ آيل سنيل ڪمار پاران به سيشن ڪورٽ مان 50 ھزارن جي مچلڪن عيوض 20 اپريل تائين عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آھي، عبوري ضمانتون حاصل ڪندڙن جو انگ 4 ٿي ويو آھي.