ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ پاران گاڏي ڦر ڪرڻ جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي معطل ٿيل پوليس اهلڪار کي 10 سال قيد ۽ 25 لک رپيا ڏنڊ جي سزا جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، سال 2021 ۾ پراڻي ميرپور ٿاڻي جي حد ۾ شھري جاويد ملڪ جي ڪار ڦر ڪئي وئي ھئي، جنھن جو ڪيس فريادي پاران معطل پوليس اھلڪار پرويز جعفري، سندس ڀاءُ ساجد خلاف داخل ڪرايو ويو ھو، جنھن ۾ ساجد روپوش آهي، جڏھن ته پرويز ضمانت تي آزاد ھو، ڪالهه عدالت فيصلو ٻڌائيندي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار پرويز کي 10 سال قيد جي سزا ۽ 25 لک روپيا ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو، عدالتي فيصلي بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو.