ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ويجهو وڏي عرصي بعد پٽ ڄمڻ بعد بيماري وگهي فوت ٿيڻ جي صدمي ۾ امڙ آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ قطب شاهه ۾ 32 ورھين جي شريمتي چمپا مايوسي سبب گهر ۾ ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو، عورت جو لاش سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو، جتي اطلاع بعد پوليس پھچي معلومات ورتي، جنهن بعد ضروري ڪاروائي کانپوءِ عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي عورت جي ڀيڻ ۽ سندس مڙس متن جو چوڻ ھو ته وڏي عرصي بعد چمپا کي پٽ جو اولاد ٿيو ھو، جيڪو مسلسل بيمار رھڻ بعد فوت ٿي ويو، جنهن بعد هوءَ اڪثر مايوس رهندي هئي، جنهن ڪري هن انتھائي قدم کڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.