ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ سينيئر وڪيل افضل ڪريم جي گاڏي عدالتي حد ۾ روڪي تلاشي وٺڻ واري معاملي تان وڪيل برادري ۽ ٽائون پوليس ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، ڪالهه ٻئي ڏينهن به وڪيل برادري بار آفيس کان ريلي ڪڍي ڪورٽ جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو، ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن شوڪت راھمون، افضل ڪريم، منو مل ميگھواڙ، عبدالحفيظ مري ۽ ٻين چيو ته عدالتي احاطي ۾ پوليس اهلڪارن خانگي ماڻھن سان گڏ وڪيل کي گاڏي مان لاھي گاڏي جي تلاشي وٺڻ دوران بدتميزي ڪئي، جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته ڪورٽ جي احاطي ۾ وڪيل سان اھڙو عمل ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين ايس ايڇ او کي معطل ڪري ساڻس گڏ آيل خانگي ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي نه ڪئي ويندي، تيستائين عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ۽ احتجاج جاري رکيو ويندو.