ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن جون ڪچرو کڻڻ واريون گاڏيون ڊيزل نه ملڻ سبب ٻن ڏينهن کان بيٺل آھن، جنهن ڪري شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي 65 لک بقايا نه ڏيڻ ڪري پيٽرول پمپ تان ڊيزل جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري ٻن ڏينهن کان سمورو ڪاروهنوار بند پيل آهي، گاڏين جي انچارج ٻڌايو ته اڳوڻو بل 65 لک روپيا نه ڏيڻ ڪري پيٽرول پمپ مالڪ ڊيزل بند ڪري ڇڏيو آهي، واضح رهي ته گاڏيون ميرپورخاص ۾ باهه لڳڻ وارن واقعن سميت شھر ۾ پيئڻ جو مٺو پاڻي، روڊن تي ڇڻڪار سميت شھر مان گند ڪچرو کڻنديون آهن.