ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ميرپورخاص جي ڪمشنر جي سفارش تي مارڪيٽ ڪاميٽي ميرپورخاص جي ڊيوٽي انچارج کي فرضن ۾ غفلت ڪرڻ تان معطل ڪري ڇڏيو، سندس خلاف ضلعي سطح تي انڪوائري شروع ڪرڻ جي هدايت، ان حوالي سان سنڌ جي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن ڊويزنن جي ڪمشنرن پاران ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪري بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار سستي اٽي جي مد ۾ 78 لک خاندانن کي 2 هزار روپيا في خاندان رقم ڏني آهي. هن وقت تائين 16 لک 16 هزار 422 خاندانن ۾ 3 ارب، 23 ڪروڙ 28 لک رپيا ورهايا آهن، اجلاس ۾ ميرپورخاص جي ڪمشنر جي سفارش تي ميرپور خاص مارڪيٽ ڪاميٽي جي ڊيوٽي انچارج کي معطل ڪيو ويو آهي.