ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ ڪوچ ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، مال پڙي ۾ برياني کپائڻ لاءِ ويندڙ پورهيت پيءُ پٽ چيڀاٽجي فوت، خبر موجب عمرڪوٽ روڊ تي تيز رفتار ڪوچ ۽ رڪشا ۾ آمھون سامھون ٽڪر  ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ميرپورخاص واسي پورهيت علي محمد ۽ سندس پٽ وليد ڪمبوهه چيپاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، اطلاع تي بودر فارم پوليس پھچي پيءُ پٽ جا لاش تحويل ۾ وٺي پٿورو اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گھر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو، پوليس ٻڌايو ته پورھيت علي محمد ۽ سندس پٽ وليد ڪمبوهه ميرپورخاص کان صوفي فقير مال پڙي ۾ برياني کپائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته حادثو ٿيو، جنهن سبب ٻئي ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، علائقي واسين جو چوڻ هو ته فوتي پيءُ پٽ مختلف مال پڙين ۾ برياني وڪڻي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا هئا، ڪالهه صوفي فقير جي مال پڙي تي وڃي رهيا هئا ته حادثي ۾ فوت ٿي ويا،