ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ بجلي جي تار ٽٽڻ سبب ڪمند جي فصل کي باهه لڳي وئي، 17 ايڪڙ سڙي رک، تفصيل موجب ڳوٺ سومار مڱريو ڀرسان بجلي جي 11 ھزار وولٽيج جي تار ٽٽي ڪرڻ سبب باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ زميندار چنيسر منڱريو جو 17 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جو فصل سڙي رک ٿي ويو، متاثر آبادگار جو چوڻ هو ته اڳ به تارون پراڻيون ھئڻ ڪري اهڙي قسم جا واقعا پيش اچي چڪا آهن، پر ڪنھن به نوٽيس ناھي ورتو، هن چيو ته حيسڪو جي نااھلي سبب آباد گارن جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي، وس وارا تارون نيون لڳائي ٿيل نقصانن جو ازالو ڪن.