ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي عدالت عورت مسڪان کوکر جي قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عورت جي ڏير علي حيدر راجپوت ۽ سندس سس امتياز بيبي کي 25- 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سال 2021ع ۾ نئون ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ عورت مسڪان کوکر قتل ٿي وئي ھئي، جنھن جو ڪيس مقتول عورت جي والد تنوير کوکر جي فرياد تي ڏير علي حيدر راجپوت ۽ سس امتياز بيبي مٿان داخل ڪيو ويو ھو، عدالت فيصلو ٻڌائيندي عورت جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته جوابدار ڌر مقتول عورت جي وارثن کي معاوضي طور 43 لک 18 ھزار 500 رپيا پڻ ڏيندي، عدالتي فيصلي بعد جوابدارن کي جيل اماڻيو ويو.