ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ مقتول محمد رحيم راڄڙ جي قتل جي ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار خير محمد لاشاري ، محمد اڪرم انڙ ۽ ھريش کمار لوھاڻي کي ڦاسي جي سزا ٻڌائيندي 20-20 لک رپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏھن ته جوابدار خير محمد کي ھٿيار رکڻ جي کيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي وڌيڪ 10 سال ۽ 2 لک جرمانو جي سزا جو حڪم ڏنو آهي ، ياد رھي ته 17 مھينا اڳ ميرپورخاص لڳ کاڻ روڊ تان ڪار مان لاش مليو ھو ۽ وارثن جي فرياد بعد  مقتول جي قتل جو ڪيس پراڻي ميرپور ٿاڻي تي مٿي ڄاڻايل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو ھو.