ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) عدالت جھيڙي ڪيس جي 4 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي حد ۾ ڪجھه مھينا اڳ جھيڙي دوران ٻه ڄڻا نواز علي ۽ الله ڏنو زخمي ٿي پيا، جنهن جي ڪيس جي ڪالھه عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جتي ٻنھي ڌرين پاران ٺاھ جي درخواست بعد عدالت 4 ڄڻن محبوب علي، نور امين، راشد علي ۽ محمد نواز کي بري ڪري ڇڏيو.