ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ميرپورخاص ڌارين جا غيرقانوني شناختي ڪارڊ رد ڪري واپس  سندن ملڪن ڏانهن موڪلڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ميرپورخاص جو اجلاس بار جي صدر شوڪت راهمون جي صدار هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ افغانين, برمين, بهارين ۽ ٻين ڌارين پاران سنڌ جو نادرا مان شناختي ڪآرڊ ٺھرائڻ ۽ سنڌ ۾ ملڪيتون خريد ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جڳ اظھار ڪيو ويو، اجلاس ۾ يڪراءِ قراراد پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو تي افغانين, برمين ۽ بنگالين جا  شناختي ڪارڊ رد ڪري ڌارين کي سندن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي.