ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺورو ۾ ٻج ۽ ڀاڻ جي اگهن ۾ واڌ ۽ کاڌي پيتي جي نقلي شين جي وڪري خلاف شھري اتحاد جي سڏ تي ڏاڏا اسماعيل شورو، فقير محمد علي خواجه ،  عبدالغني ملاح، آڪاش زئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي  نيشنل بيئڪ چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته واپارين  کاڌي پيتي جي عام شين سان گڏوگڏ زرعي شين جي اگهن ۾ به وڏي واڌ ڪري ڇڏي آھي، هنن چيو ته شهر ۾ نقلي شيون به وڪرو ٿي رهيو آهن، انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي  مهنگائي ۽ تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.