ميرپوربٺورو: پاڻي کوٽ خلاف آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڌرڻو

0
222

ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺورو جي گنج بحر ڪئنال ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ خلاف آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ميرپور بٺورو ۾ آبادگارن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، انهي سلسلي ۾ آبادگار ايڪشن ڪاميٽي پاران اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ سوين آبادگارن، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڏاڏا اسماعيل شورو، ساگر مجيد پرهياڙ، محمد علي خواجه، قادر بخش زئور، امين لنڊ ۽ محمد ابڙو جي اڳوڻي ۾ نيشنل بئنڪ چوڪ کان بس اسٽاپ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين پاران پاڻي کوٽ خلاف سخت نعريبازي ڪندي ميرپوربٺورو مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب حيدرآباد سجاول روڊ بلاڪ ٿي ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گذريل چئن مهينن کان گنج بحر ڪئنال مان نڪرندڙ 20 کان وڌيڪ واهن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي جنهن سبب آبادگار سارين جو فصل وقت تي پوکي نه سگهيا آهن، هنن چيو ته واهن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب شهرن ۾ واٽر سپلائي جا تلاءُ سڪي رهيا آهن ۽ چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي جڏهن ته آبادگارن پاران پوکيل سارين جو ٻيجارو پڻ سڙي رهيو آهي پر ميرپوربٺورو جي واهن ۾ پاڻي نه پيو ڇڏيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته گنج بحر ڪئنال مان نڪرندڙ واهن ۾ پاڻي ڇڏي پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.