ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پرڏيهين کي ڊيپ سي ( اونهي سمنڊ) ۾ مڇي جي شڪار لاءِ لائسنس جاري ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران پاليسي نه جوڙڻ تي ميري ٽائيم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻن مهينن اندر پاليسي جوڙي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت ميري ٽائيم طرفان پاليسي نه جوڙڻ تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته ميري ٽائيم آخر ڪهڙي ڪم جو آهي؟ جنهن تي ميري ٽائيم جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پاليسي لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ضروري آهي پر اهي نه اچي رهيا آهن، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن اسٽيڪ هولڊرز نه پيا اچن ته پوءِ اوهان پاليسي نه ٺاهيندا؟ اوهان ڪيتري عرصي کان مقامي ماهيگيرن کي لائسنس نه ڏئي رهيا آهيو جنهن سبب اهي بک مري رهيا آهن ڇا اوهان کي انهي ڳالهه جو احساس آهي؟ اوهان مقامي ماهيگيرن جو معاشي قتل عام ڪري رهيا آهيو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته مقامي ماهيگيرن کي بک ماري پاڪستانين لاءِ مڇي وري پرڏيهه مان گهرائي پئي وڃي. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن کي لائسنس ڏيو يا نه ڏيو پر پاليسي ته جوڙيو. ان موقعي تي ميري ٽائيم جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت به مشاورت لاءِ نه اچي رهي آهي. جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت نه ايندي ته پوءِ ڇا اوهان پاليسي نه جوڙيندا؟ ڇا اوهان کي پاليسي به عدالت جوڙي ڏئي؟ جسٽس محمد علي مظهر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اها شرم جي ڳالهه آهي جو ماڻهو اوهان وٽ وڃڻ بجاءِ اسان وٽ اچن ٿا. ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي گذارش ڪئي ته اسان کي ٻن هفتن جي مهلت ڏني وڃي. درخواستگذارن پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته فشنگ پاليسي جوڙڻ لاءِ جج تي ٻڌل ڪميشن جوڙي وڃي، پرڏيهين کي مڇي جي شڪار جي اجازت نه ڏني وڃي جيڪڏهن پرڏيهي ماهيگيرن کي شڪار جي اجازت ڏني وئي ته اسان بک مري وينداسين.