ميرپور ساڪرو(ن پ ا) ميرپور ساڪري ۾ مڊل اسڪول جو هيڊ ماستر ڪورونا وگهي فوت ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ميرپور ساڪرو گورنمينٽ مڊل اسڪول حاجي محمد سوڍو بگهياڙ جو هيڊ ماستر سرگرم استاد بابو عبدالواحد ڪلمتي ڪورونا وگهي فوت ٿي ويو آهي.هن ڪورونا وگهي نجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. عبدالواحد استادي پيشي کان علاوه پوليو مهم، ڪرونا مهم، مليريا مهم، گهرشماري مهم کان علاوه سماجي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندو رهندو هو. پاڻ الفلاح والينٽر ٽرسٽ يونٽ احمد خان ڪلمتي جو صدر پڻ ھو.