ميروخان (ن پ ا) ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد نبي کوسو اوچتو ميروخان پهچي ويو، جتي پ پ ضلعي صدر قمر الدين گوپانگ ۽ ٽائون ڪاميٽي ميروخان جي چونڊيل ڪائونسلرن حذب اﷲ گوپانگ، لياقت ابڙو، شهاب الدين ڀٽي ۽ ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل مير عامر گوپانگ سان پاران ڊي سي شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي ڊي سي اڳيان شهرن پاران پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون ويون، جنهن تي ڊي سي ٽائون انتظاميا جي آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته ٻن ڏينهن جي اندر پاڻي ڪڍڻ جون مشينون خريد ڪري روڊن تي بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.