ميروخان (رپورٽ: صفر گوپانگ) ميروخان ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بندش ۽ گندگي خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، نٽهڻ آس ۾ ڌرڻو، خبر موجب نوجوان اتحاد جي سڏ تي شهر جي نوجوانن ۽ شهرين گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پيئڻ جي صاف ۽ مٺي پاڻيءَ جي فراهمي معطل هجڻ ۽ گندگي جي آزار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري عرضي ڀٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي منير گل لاشاري، ياسر تونيو، عظيم قريشي، شير علي ڪلهوڙو، عاقب نواز تونيو، توقير ابڙو ۽ ٻين چيو ته ٽائون ڪاميٽي انتظاميا شديد گرمي جي موسم ۾ 50 هزار شهرين جو پاڻي بند ڪري يزيدي ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هنن چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي معطل ٿيل آهي، پر انتطاميا ڪو به تدارڪ نه پئي ڪري، هنن چيو ته واٽر سپلاءِ جون پائيپ لائينون ٽٽڻ سبب نالين جو گندو ۽ بدبودار پاڻي گهرن ۾ اچي رهيو آهي، جنهن سبب بيماريون ڦهلجي رهيون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي فراهم ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.